سعيد علي وارثي

سعيد علي وارثي: نامور مصور سعيد علي ولد محمد عبدالقادر وارثي 1945ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، کيس فن مصوريءَ جو شوق والد ۽ ڀاءُ کي ڏسي ٿيو. شاگرديءَ واري دؤر کان ئي هن مصوريءَ جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ ڪيترائي تجربا ڪيائين. سعيد علي، اسڪول ۽ ڪاليج سطح جي مقابلن ۾ هميشه پهريون نمبر ايندو هو، جنهن ڪري سندس ڪافي همت افزائي ٿي ۽ هن آئل پينٽنگ جي حوالي سان تمام خوبصورت ۽ يادگار ڪم ڪري پاڻ مڃرايو. هن جي تعليم بي. ڪام ۽ ايم.اي اقتصاديات هئي، جنهن بنياد تي کيس اين.اي.ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس طور چونڊيو ويو. جيتوڻيڪ سعيد وارثيءَ جو پيشو مختلف رهيو، پر کيس فائن آرٽس (Fine Arts) سان دلچسپي عشق جي حد تائين هئي. سعيد وارثي، لاڙڪاڻي شهر جي انهن چترڪارن مان هو، جن کي ويجهي ماضيءَ جي پهرين صف وارن مصورن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. هن 1960ع واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي جي ڪيترين ننڍين وڏين مصوريءَ جي نمائشن ۾ حصو ورتو ۽ کيس ڪافي مانائتي موٽ ملي. بعد ۾ هو ڪراچيءَ وڃي مستقل رهيو، جتي ڏهاڪو سال ٿيندا ته گذاري ويو.


لفظ سعيد علي وارثيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو